رهندو مل هسيجا

رهندو مل هسيجا: ڀٽائيءَ جو پارکو، شاعر ۽ صحافي رهندو مل هسيجا، قنبر جو رهاڪو هو. پنهنجي دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، ’سڪايل‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. رهندي مل کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڪافي انسيت هئي. هو ڀٽائيءَ جو شارح به هو. کيس ڀٽائيءَ جا سوين بيت ۽ وايون برزبان ياد هونديون هيون. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ جو ڪارڪن هو. هن جا ساٿي قنبر جا ڪانگريسي سنتداس سئناڻي ۽ پرسرام مشهور هوندا هئا.
رهندي مل ڪراچيءَ ۾ ’هندستان پريس‘ ۾ ڪافي وقت ڪم ڪيو، جتان ’هندستان نالي اخبار جاري ڪيائين. رهندو مل ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو، جتي هن هندستان پريس بمبئيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. مشهور سنڌي اديب هولارام هنس سندس پٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو